نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گيٽريز سان هتي ٿيندڙ ملاقات ۾ سندس آڏو ڪشمير مسئلو کنيو ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ٻڌل دستاويزي ثبوت سندس حوالي ڪيا. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري تي زور ڏنو ته هو ڪشمير تي خاص نمائندو مقرر ڪري. هن چيو ته اهو لازمي آهي ڇو ته ڀارت ڪنهن به قسم جي ڳالهين جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏي?? آهن. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران فائربندي جي خلاف ورزين بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته رڳو هلندڙ سال دوران 600 جي ??ڳ ڀڳ خلاف ورزيون ڪيون ويون. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي ٻڌ??يو ته رڳو اڄ جي ڏينهن ڀارتي فورسز جي ??ائرنگ سان ايل او سي تي چار شهري شهيد ٿيا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار