گوجرانوالا – 23 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان کي ائٽمي پروگرام، موٽروي، پهريون صحت پروگرام، ايجوڪيشن ريفارمز ۽ ??ي پيڪ جهڙا ملڪي تقدير بدلائيندڙ منصوبا نواز شريف ئي ڏنا آهن. هو گ??جرانوالا ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهي هئي. مملڪتي وزير جي گوجرانوالا پهچڻ تي مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن سندس شاندار استقبال ڪيو. مملڪتي وز??ر مريم اورنگزيب چيو ته مون کي وزيراعظم محمد نواز شريف هتي ان لاءِ موڪليو ڇو ته گوجرانوالا جا ما??هو وزيراعظم جي دل جي ڌڙڪن آهن، وزيراعظم محمد نواز شريف اهو قائد آهي جيڪو اسان سڀني جي دلين ۾ ڌڙڪي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف سڀني ما??هن جون دعائون کٽيون آهن جڏهن ته عمران خان ساڍا ٽي سال رڳو ڪوڙا الزام هنيا آهن.
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ