لنڊن -28 آڪٽوبر (اي پي پي)ب رطانيا ۾ پنير ٺاهڻ لاءِ مشهور ڪمپني ” نيلز يارڊ ڊيري “ مان جعلسازي ذريعي 22 ٽن کا?? وڌيڪ قيمتي چيڊر چيز چوري ٿي ويو آهي. اسڪائي نيلز هارڊ ڊيري ڪمپني جي مالڪ ٻڌايو ت?? جعلساز پاڻ کي فرانس جو گراهڪ ظاهر ڪندي ڪمپني کا?? ٽي لک پانڊ ( 10 ڪروڙ پاڪستاني روپين)کان به وڌيڪ جي ماليت جو پنير چوري ڪري ورتو آهي . ان فراڊ کا?? پوءِ ڊيري هائوس ۽ ان جي شراڪتدارن کي وڏو مالياتي نقصان ٿيو آهي. ڪمپني جو چو?? هيو ت?? خريدار جي سڃاڻپ نڪلي هجڻ با??ت جيستائين علم ٿيو ان وقت تائين هو ڪل 950 پنير پارسل ڪ??ي چڪو هيو جڏهن ته ڪمپني جو چوڻ آهي ته ايتري وڏي نقصان جي باوجود ننڍي درجي جا پنير سپلائي ڪندڙ ڪاروباري ماڻهن کي وعدي موجب ان جي مڪمل ادائيگي ڪئي آهي. ڪمپني صورتحال تي ڪنٽرول ڪري رهي آهي ته جيئن مالي استحڪام ۽ برطانوي پنير جي شعبي جي ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. نيلز هارڊ ڊيري ڪمپني مان ٽن قسمن جا پنير چورايا ويا آهن جن م هيفوڊو يلش اوگينگ چيڊر، ويسٽ ڪومب چيڊر ۽ پچ فورڪ چيڊ شامل آهن. ڪمپني جي ان قسم جي پنير ڪيترائي ايوارڊ کٽيا آهن. برطانيا ۾ ان پنير جي سڀ کا?? وڌيڪ کپت آهي. وڌيڪ مهانگو هجڻ سبب اهو پنير چورن لاءِ هڪ خاص هدف بڻجي ويو آهي.
برطانيا ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جو قيمتي پنير چوري
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج