دوحه- 06 ڊسمبر (اي پي پي) نار سهڪار ڪائونسل (جي س?? سي) جي اڳواڻن اسرائيل طرفان غزه ۾ عا??مي قانون?? جي کليل خلاف ورزي جي مذمت ڪئي آهي، سربراهن خطي کي درپيش مس??لن جو جائزو وٺندي چيو ته جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا. العريبيه نيوز موجب دوحه ۾ ٿيل جي س?? سي جي 44 هين سربراهه ڪانفرنس جي پڄاڻي تي تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چي?? ويو آهي ته غزه ۾ اسرائيل جي قدمن سان نه رڳو عا??مي قانونن پر عا??مي انساني قانون?? جي به کليل خلاف ورزي آهي، جي س?? سي ملڪ غزه ۾ پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ آهن. ڪانفرنس ۾ سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان به خصوصي دعوت تي شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب 6 ملڪي ڪائونسل جي ميمبرن اسرائيل جي غزه ۾ جاري فوجي ڪارروائي جي مذمت ڪئي جنهن سبب نه رڳو عام شهري بي گهر ٿيا پر سويلين انفراسٽرڪچر سميت رهائشي عمارتون، اسڪول، اسپتال ۽ عبادتگاهون تباهه ٿيون. ميمبرن طرفان اسرائيل جي فلسطيني عوام خلاف کليل جارحيت تي خدشن جو اظهار ڪي?? ويو ۽ عزه ۾ جاري جنگ جي پکڙجڻ جي خطرن کان خبردار ڪندي چي?? ويو ته غزه جي رهواسي?? جي مس??لن کي حل ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ غزه ۾ فوري طور تي انساني همدردي جي بنيادن تي ٻيهر جنگ بندي جو مطالبو ڪي?? ويو.
غزه تي اسرائيلي جارحيت مذمت جوڳي، جنگ بندي نه ڪئي وئي ته پوري خطي تي ان جا سنگين اثر پئجي سگهن ٿا: نار تعاون ڪائونسل
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا