اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ??رڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن کي ساراهيندي چيو آهي ته انساني اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروايون خوش آئنده آهن، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ??مورن گروهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي عبرت جو نش??ن بڻايو وڃي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيرا??ظم ايف آءِ اي پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ??رڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته انساني اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خلاف تازين سخت ڪاررواين جي شروعات خوش آئنده آهي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته سهولتڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي کانپوءِ سخت قدم پڻ کنيا وڃن. ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي سمورن گروهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن اهي عبرت جو نش??ن بڻجن. وزيرا??ظم حڪم ڏنو ته انساني اسمگلرن جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي ضبطگي جي لاءِ فوري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث ??مورن ماڻهن جي خلاف پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ اعليٰ ترين درجي جا وڪيل مقرر ڪيا وڃن. پرڏيهي آفيس ٻاهرئين ملڪن مان انساني اسمگلنگ جو ڪاروبار هلائيندڙ پاڪستانين جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن سان رابطو ڪري ۽ انهن جي پاڪستان حوالگي جي حوالي سان جلد کان جلد قدم کڻي. هن اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت کي گهرو وزارت جي تعاون سان عوام ۾ ٻاهرئين ملڪ نوڪرين جي لاءِ رڳو قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته ملڪ ۾ اهڙن ٽيڪنيڪل ٽريننگ ادارن جو واڌارو ڪيو وڃي جيڪي موجوده دور جي گهرجن موجب سرٽيفائيڊ ۽ پيشيواراڻي مهارت رکندڙ افرادي قوت ٻاهرئين ملڪ فراهم ڪري سگهن. هن هوائي اڏن تي ٻاهرئين ملڪ ويندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ جو عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيرا??ظم کي ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خلاف کنيل قدمن، سهولتڪارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ قانونسازي جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خلاف کنيل تازن قدمن جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina