اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون ۽ واپار، صنعت، توانائي، علائقائي رابطن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي ات??اق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي 23هين اجلاس جي موقعي تي جمهوريه روس جي وزيراعظم ميخائل مشوستن جي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي وزيراعظم ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن واپار، صنعت، توانائي، علائقائي رابطن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي ات??اق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ماسڪو جي پهرئين دوري جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪو سندس ڪنهن به ملڪ جو پهريون دورو هو. وزيراعظم پنهنجي دوري جي يادن کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف روس سان ٻطرفي سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي ڳالهه ٻولهه کي تيز ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻن??ي اڳوڻن گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ ات??اق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شري?? برڪس ۾ پاڪستان جي لاءِ تعاون تي روسي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن هلندڙ سال جولاءِ ۾ آستانه ۾ صدر ولاديمير پيوٽن سان پنهنجي لاڀائ??ي ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن دوران هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ تي ات??اق ڪيو هو. وزيراعظم پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ مواصلاتي رابطن جي فروغ جي لاءِ سڌوسنئون اڏامن جي اهميت تي زور ڏنو. روسي وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين حڪومتي سدربراهه اجلاس جي لاءِ پاڪستان پاران ڪيل شاندار انتظامن کي ساراهيو. هن پاڪستان جي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران روسي وفد جي شاندار استقبال ۽ شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. هن ملاقات ۾ روس پاڪستان تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي نئين بلندين تي پهچائڻ جي پنهنجي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي وزيراعظمن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن تي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي ات??اق ڪيو. ٻن??ي اڳواڻن عوامي رابطن جي فروغ جي لاءِ روسي ۽ اردو زبان جي تدريسي مٽاسٽا ۽ سيڙپڪاري ۽ واپار جي سهولت جي لاءِ بئنڪنگ شعبي ۾ تعاون جي فروغ تي پڻ ات??اق ڪيو.
پاڪستان ۽ روس پاران گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون ۽ واپار، صنعت، توانائي، علائقائي رابطن، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن ۾ مضبوط ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena