اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري گڏيل خوشحالي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي ??روغ جي ??اءِ چين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ??اڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار مقامي هوٽل ۾ عوامي جمهوريه چين قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه جي ??ناسبت سان چيني سفارتخاني جي اهتمام هيٺ چين جي ??ومي ڏينهن جي آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي وزيرن، پاڪستان ۾ چين جي سفير، غيرملڪي سفارتڪارن، چيني شهرين، معززين ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. صدر چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ گهڻ رخي تعاون جو هڪ نئون رخ متعارف ڪرايو آهي. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي ??اءِ وڌ کان وڌ فائدا حاصل ڪرڻ جي ??اءِ سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. صدر ان موقعي تي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن کي دل سان مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته پهرين آڪٽوبر جو ڏينهن هڪ مضبوط ۽ متحد چين جي ??يهر جنم جو نشان آهي جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جي دورانديش قيادت ۾ چيني عوام جي دليراڻي جدوجهد جي ذريعي حاصل ڪيو ويو. صدر آ??ف علي زرداري ان موقعي تي پاڪ چين دوستي کي هر موسمي اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ ۾ تبديل ڪرڻ جي ??اءِ ماضي ۽ ??ال جي ??سلن جي اڻٿڪ تعاون جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي ??چ ۾ اها حصيداري بين الرياستي لاڳاپن جي ??موني جي طور تي ڪم ڪري ٿي ۽ اها ٻنهي ملڪن جي ??اءِ تحريڪ ۽ طاقت جو ذريعو بڻجي ??ي. هن چيو ته چين پاڪستان جو مضبوط ڀاءُ آهي ۽ پوري قوم کي پائيدار دوستي تي فخر آهي ڇو ته ٻئي ملڪ آزمائش جي ??ر گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته چين ايندڙ ڏهاڪن ۾ اهم سنگ ميل حاصل ڪرڻ جي ??اءِ تيار آهي جنهن سان نه رڳو ان جي ترقي کي سگهه ملندي پر سياست، معاشيات ۽ ثقافت جي عالمي منظرنامي کي پڻ مثبت انداز ۾ تبديل ڪيو ويندو.
صدر آصف علي زرداري پاران گڏيل خوشحالي ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک