اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر منصوبا بنائڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي فن??نسنگ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه اڪيومن پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪلائميٽ ايڪشن فار پاڪستان جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته موسمياتي تبديلين سبب دنيا جا ڪيترائي خطا متاثر ٿي رهيا آهن. پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙن مل??ن ۾ سڀ کان مٿي آهي. هن چيو ته 2022ع ۾ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي، ان ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊ??لرن کان وڌيڪ جو نقصان پهتو. ناڻي واري وزير چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ مختلف مل??ن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارن ۽ عالمي ادارن پاڪستان لاءِ اٽڪل 9 ارب ڊ??لرن کان وڌيڪ جي مدد جو ا??لا?? ڪيو تنهن هوندي به پاڪستان کي ا??لا?? ڪيل مدد موجب فنڊ نه مليا. هن چيو ته موسمياتي فن??نسنگ لاءِ موثر منصوبا بڻائڻ جي ضرورت آهي. موسمياتي فن??نسنگ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان حوالي سان نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي انتظامي بورڊ سان موسمياتي فن??نسنگ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسان کي اميد آهي ته هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين آءِ ايم ايف جو انتظامي بورڊ اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏيندو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي. پائيدار اقتصادي واڌ ۽ ترقي لاءِ سڌارن جو عمل جاري رهندو. هن چيو ته مضبوط معيشت لاءِ ٽيڪس جي نظام ۾ واڌارو، نظام ۾ شفافيت، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ گورننس ۾ بهتري آڻڻ ضروري آهي. حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته آبادي ۾ اضافي سان گڏوگڏ وسيلن ۾ به اضافو ضروري آهي، پاڪستان کي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.
موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر منصوبا بنائڻ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria