اسلام آباد ??? 01 آگسٽ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن بابت وفاقي وزير پرو??يس?? احسن اقبال چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو سياسي طريقيڪار جمهوريت ۾ قابل قبول ناهي، اها پنهنجو طرز عمل تبديل ڪ??ي ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي گهري. اها ڳالهه هن وائيس آف آمريڪا کي ڏنل انٽرويو ۾ چئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستاني رياست جي مفادن تي سڌي ريت حم??و ڪيو آهي، فوج سڌو چيو آهي ته اها سياست کان ڌار رهڻ چاهي ٿي. پي ٽي آءِ جو سياسي طريقيڪار ڪنهن به جمهوريت ۾ نٿو هلي سگهي. پي ٽي آءِ پنهنجو طرز عمل تبديل ڪ??ي ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي گهري. عمران خان جو سياسي طريقيڪار تڪرارن سان ڀريل آهي. احسن اقبال چيو ته حڪومت ڪو غير جمهوري قدم نه کڻندي، فوج فيصلو ڪيو آهي ته پاڻ کي سياست کان ڌار رکڻو آهي. احسن اقبال چيو ته ملڪ هن وقت ڪو به تڪرار برداشت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته چين جي حڪومت جو چوڻ آهي ته چيني شهرين تي تازو ٿيل حم??ي جي نتيجي ۾ پاڪ – چين سهڪار متاثر نه ٿيندو، پاڪستان جي ذميواري آهي ته هو چيني شهرين جي حفاظت يقيني بڻائي. هن چيو ته آمريڪا ۽ چين سان سان لا??اپن ۾ توازن رکڻ ڏکيو نه هوندو.
پي ٽي آءِ جو سياسي طريقيڪار جمهوريت ۾ قابل قبول ناهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب