اسلام آباد -07 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستاني قوم ۽ مسلم امت کي نئين اسلامي سال 1446هجري جي شروعات تي مبارڪون ڏيندي دعا ڪئي آهي، ته هي هجري سال اسان جي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جو سبب بڻجي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب نئين اسلامي سال 1446هجري جي شروعات تي صدر مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته مان پاڪستاني قوم ۽ مسلم امت کي نئين اسلامي سال 1446هجر ي جي شروعات تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو ۽ مان الله ت??اليٰ جي حضور دعاڳو آهيان ته هي هجري سال اسان جي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جو سبب بڻجي. هن چيو ته محرم الحرام کي اسلامي تاريخ ۾ خاص اهميت ۽فضيلت حاصل آهي. رمضان المبارڪ جي مهيني کان پوءِ محرم الحرام ۾ عبادتن کي خاص فضيلت حاصل آهي. هن مهيني ۾ الله ت??اليٰ هر قسم جي فتني کان منع فرمائي بندگي جي ڪمن ۾ مشغول هئڻ ج?? تلقين فرمائي آهي. نئين سال جي شروعات ۾ اسان کي گناهن کان بچڻ، بارگاهه الاهي ۾ توبه ڪرڻ ۽ دين اسلام جي تعليم تي غور ڪرڻ ج?? ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته هي مهينو دين جي سرفرازي خاطر حضرت امام حسين رضي الله ت??اليٰ عنه ۽ سندس وفادار ساٿين جي لازوال قرباني جي ياد به ت??زه ڪري ٿو ۽ اسان کي ان ڳال??ه جو سبق ڏئي ٿو ته دين جي سر ب??ند?? خاطر جدوجهد ئي زندگي جو اصل مقصد آهي. حضرت امام حسين رضي الله ت??اليٰ عنه ۽ سندس ساٿين ظلم ۽ طاغوتي طاقتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، اوهان ۽ اوهان جا ساٿي ظلم ۽ جبر خلاف جدوجهد ۾ قرباني ۽ استقامت سبب امر ٿي ويا آهن. هي مهينو اسان کي خدا پاڪ جي خوشنودي، ظلم خلاف ڄمي بيهڻ ۽ حق جي فتح خاطر وڏي کان وڏ?? مصيبت جي باوجود ثابت قدم رهڻ ج?? درس ڏئي ٿو. صدر مملڪت چيو ته نئون اسلامي سال اسان کي پنهنجي زندگين ۽ طرز عمل تي غور ڪرڻ ۽ ان کي اسلامي تعليم موجب اختيار ڪرڻ ج?? موقعو فراهم ڪري ٿو، اسان کي پنهنجي اندر حق ۽ باطل ۾ فرق ۽ دين جي صحيح تعليم بابت فهم ۽ شعور پيدا ڪري ٿو. اسان سڀني کي گهرجي ته اسان پنهنجي اندر اخوت، صبر ۽ برداشت جون خصوصيتون پيدا ڪيون ۽ گڏيل اختلافن کي وساري قومي يڪجهتي ۽ بين المسالڪ هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيون. مان الله پاڪ جي حضور ۾ دعاڳو آهيان ته هو ملڪ پاڪستان کي هر قسم جي آفتن کان محفوظ فرمائي ۽ اسان سڀني کي پنهنجون زندگيون اسلامي اصولن مطابق بصر ڪرڻ ج?? توفيق عطا فرمائي. الله ت??اليٰ اسان جو حامي ۽ ناصر هجي. آمين.
صدر مملڪت جي پاڪستاني قوم ۽ مسلم امت کي نئين اسلامي سال 1446هجري جي شروعات تي مبارڪباد، دعا آهي ته هي هجري سال اسان جي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جو سبب بڻجي: آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات