اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پيمرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ جي وڏي ڀاءُ ظفر بيگ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ پيمرا چيئرمي?? جي آفيس ويو ۽ پيمرا چيئرمين محمد سليم بيگ جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ۽ ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيمرا چيئرمي?? جي ڀاءُ ظفر بيگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم جو لاڏاڻو ڏکويل خاندا?? جي لاءِ وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي وڏي عرصي تائين ڀري نه ٿو سگهجي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندا?? جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ظفر بيگ کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي پيمرا جي چيئرمين سان سندس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت
مضمون کا ماخذ : نتیجہ یہ ہے کہ