اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معياري ۽ سستي معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي پاڪس??ان ۾ تياري جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ما??هن جي بحالي ۽ ا??هن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي لاءِ پاليسي سطح سميت عملي قدم کڻڻا پوندا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چل ف??ئو??ڊيشن جي چيئرمين فيروز احمد جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو ج??هن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته خصوصي ما??هن کي معيشت ۽ معاشري جي مر??زي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ پاڪس??ان جي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاون ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي عضون جي ڪري خصوصي ما??هن جي مخصوص ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي ٿو. وفد صدر کي منفرد صلاحيتون رکندڙ ما??هن جي ڀلائي لاءِ چل ف??ئو??ڊيشن جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. صدر کي ٻڌايو ويو ته چل ف??ئو??ڊيشن خصوصي ما??هن کي مصنوعي عضون سميت معاون ٽيڪنالاجي فراهم ڪري رهي آهي، چل ف??ئو??ڊيشن خصوصي ما??هن کي بحالي، ٿيراپي ۽ علاج جون سهولتون پڻ فراهم ڪري ٿي. وفد صدر کي ف??ئو??ڊيشن جي مختلف منصوبن، خصوصي ما??هن جي ضرورتن بابت پڻ ٻڌايو. ان موقعي تي صدر خصوصي ما??هن جي ڀلائي، بحالي ۽ سهولت جي لاءِ چل ف??ئو??ڊيشن جي ڪردار کي ساراهيو.
خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن کي معاشري جو فعال ميمبر بڻائڻ جي لاءِ پاليسي سطح سميت عملي قدم کڻڻا پوندا: صدر
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی