اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزي?? جليل عباس جيلاني ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو. نگران پرڏيهي وزير ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪامن ويلٿ ايونٽ جي قيادت ڪري ره??و آهي. وزارتي اجلاس جيڪو 12 کان 15 سيپٽمبر تائين لنڊن ۾ منعقد ٿي ره??و آهي، جو ٿيم ”ايم هائر: ڊيليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ“ آهي. پاڪستان اجلاس جي صدارت سنڀالي ورتي آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهي اجلاس کان اڳ ايجنڊا جوڙڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري ره??و آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات پڻ متوقع آهي. پاڪستان دولت مشترڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي پنجاهين سالگرهه جي موقعي تي ٿي ره??و آهي. نگران پرڏيهي وزي?? جليل عباس جيلاني ان موقعي تي نوجوانن جي لاءِ سيڙپڪاري ۽ م??قع?? پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ??وش??ن تي روشني وڌي. هن چيو ته مشغوليت نوجوانن جي معاشري ۾ انهن جي اونرشپ وڌائي ٿي. هن عالمي پائيدار ترقي جي ايجنڊا ۾ نوجوانن جي شموليت کي وڌائڻ جي لاءِ دولت مشترڪه جي ڪردار جو پڻ ذڪر ڪيو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پاران ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جو باضابطا افتتاح
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria