اسلام آباد – 05 ?? جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽس يونيورسٽي پاران ??اخلا ملتوي ڪرڻ جي خلاف شاگرد جي اپيل منظور ڪندي يونيورسٽي کي شاگرد کي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر چيو ته ڪامسٽس يونيورسٽي شاگرد کي ڊگري مڪمل ڪرڻ جو موقعو ڏي. يونيورسٽي 7 سيمسٽر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شاگرد جي داخلا ملتوي ڪري ڇڏي هئي. تفصيل موجب حماد بن زين جي داخلا 2017ع ۾ گهٽ نمبر حاصل ڪرڻ جي بنياد تي ساڍا 3 سالن کانپوءِ ملتوي ڪئي وئي. صدر چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته يونيورسٽي ايتري وڏي غلطي ڪئي، حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ساڍا 3 سالن کانپوءِ شاگرد کي ٻڌايو ته هو داخلا جو اهل نه آهي. صدر چيو ته شاگرد 8 سيمسٽرن جي فيس ادا ڪئي ۽ 7 سيمسٽر مڪمل ڪيا، شاگرد جي غلطي نه هجڻ ??ي باوجود ان ??و مستقبل داءُ تي لڳي ويو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انصاف جي گهرج آهي ته شاگرد کي ڊگري پروگرام مڪمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. تفصيل موجب حماد بن زين (شڪايت ڪندڙ) وفاقي محتسب کي ڪامسٽس جي خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي، شاگرد موقف اختيار ڪيو ته اهليت جو معيار جانچڻ يونيورسٽي جي ذميواري آهي. شاگرد جو موقف هو ته جيڪڏهن هو گهربل معيار تي پورو نه لهند?? هو ته 2017ع ۾ ان کي داخلا ئي نه ڏيڻ گهرجي ها. وفاقي محتسب يونيورسٽي کي رڳو معاملي جي انڪوائري ڪرڻ ۽ قصوروار اهلڪارن کي غلفت جو ذميوار قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ريليف نه ملڻ تي شاگرد وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جنهن تي صدر شاگرد جي اپيل منظور ڪندي وفاقي محتسب جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته شاگرد پنهنجي ڊگري پروگرام جا ساڍا 3 سال مڪمل ڪري چڪو آهي، شاگرد تي غلط بياني جو ڪو الزام نه آهي، ان کي يونيورسٽي انتظاميا جي غفلت جو خميازو ڀوڳڻ نه گهرجي، داخلا ملتوي ٿيڻ سان ??اگرد جو وقت، پئسو ۽ محنت ضايع ٿيندي. هن چيو ته يونيورسٽي حماد بن زين جي داخلا بحال ڪري، محتسب کي تعميل جي رپورٽ ڏي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران ڪامسٽس يونيورسٽي پاران داخلا ملتوي ڪرڻ جي خلاف شاگرد جي اپيل منظور
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha