اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب 1973ع جي آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ما??ي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو ٿيندو، قوم جي ڏکن جو مداوو ٿيندو. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته هي عوام جي حقن ۽ رياستي ادارن جي فرضن جو ڪتاب آهي، هي اتحاد ۽ اتفاق جي ضامن، عدل ۽ انصاف، برابري ۽ آزادي جي ضمانت آهي، هي ??اعدو آهي الله تعاليٰ سان ته حاڪميت رڳو ان جي آهي، هي اختيار عوام چونڊيل نمائندن جي ذريعي استعمال ڪندو. آئين کان انحراف ??ي ملڪ ۽ قوم صدما برداشٽ ڪيا، ناچاقي ۽ نااتفاقي، محرومين، دهشتگردي، معاشي تباهي، مهانگائي جا عذاب برداشت ڪيا. هن چيو ته آئين کان انحراف ??ان ادارا برباد ٿيا، عدل ۽ انصاف ??ي جڳهه ظلم ورتي، اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ما??ي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو هوندا، قوم جي ڏکن جو مداوو هوندا.
اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو ٿيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria