اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل عرب امارات جي پر??يهي معاملن ۽ عا??مي تعاون واري وزير ??يخ عبدالله بن زيد النهيان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ افغانستان جي يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم تي پابندي جي طالبان جي فيصلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پر??يهي آفيس جي ترجمان موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي پر??يهي وزيرن افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي حمايت ۾ پنهنجي مضبوط موقف کي ورجائيندي افغان عوام جي پائيدار مستقبل جي لاءِ عا??مي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت سان گڏوگڏ زندگي جي سمورن شعبن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مڪمل ۽ برابر شرڪت جي اهميت کي حقيقي قرار ڏيندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته اسلام عورتن کي هڪ اهم مقام ڏنو آهي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ زور ڏي ٿو. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ??يخ عبدالله بن زيد النهيان ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي حمايت ۾ پنهنجي مضبوط موقف ۽ افغان عوام جي پائيدار مستقبل جي لاءِ عا??مي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي معاملن ۽ عالمي تعاون واري وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں