اسلام آباد ??? 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته توانائي جي مقامي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٿر ج?? ڪوئلو اسان جي توانائي ضرو??تن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو، اسان درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي سان سستي بجلي پيدا ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرڪول جي پهچ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ريلوي و??ري سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت موجب پاڪستان ريلوي 23 مارچ 2023ع تائين ڇور کان اسلام ڪوٽ (ٿرپارڪر) 105 ڪلوميٽر ڊگهو ٽريڪ وڇائي ٿر ج?? مقامي ڪوئلو سڄي ملڪ ۾ موجود بجلي گهرن، سيمنٽ ۽ سرهون ٺاهڻ جي ڪارخانن کي مهيا ڪري سگهندو. منصوبي جي مجموعي لاڳت 58 ارب رپيا آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جو اڌواڌ حصو آهي. وزيراعظم منصوبابندي ۽ ترقي و??ري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي ۽ انهن کي هدايت ڪئي ته ٿرڪول مان ڪوئلي جي دستيابي ۽ مقامي منڊي ۾ ان جي طلب جو ڪاٿو لڳائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪن. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جو خاص معاون ڊاڪٽر ج??انزيب خان، ڊي جي ايف ڊبليو او، لاڳاپيل وزا??تن جا سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي و??ري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، توانائي و??ري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، منصوبابندي ۽ ترقي و??ري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي و??ري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاونين ڊاڪٽر ج??انزيب خان، ظفرالدين محمود، سنڌ جي توانائي و??ري وزير امتياز احمد شيخ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪ??ري عملدارن شرڪت ڪئي.
ٿر جو ڪوئلو اسان جي توانائي ضرورتن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری