ڪراچي – 14 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي تي اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان پنهنجي قائد کي خراج عق??دت پيش ڪرڻ آيا آهيون، اسان کي گڏجي هن مل?? کي مضبوط ڪرڻو آهي، اڄ جي ڏينهن ڪشميري ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي. آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي ??ي سنڌ جي وقتي گورنر ۽ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪالهه لاهور جي پي ٽي آءِ جلسي جي لاءِ پاڪستان جو ??هنڊو لاٿو ويو، اسان ان جي مذمت ڪر??ون ٿا، عمران نيازي اقتدار جي لاءِ مل?? جي محبت ۽ هر روايت وساري ڇڏي آهي. هن چيو ته مل?? مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اسان کي محبت ۽ يڪجهتي سان اڳتي وڌڻو آهي. وڏي وزير چيو ته جولاءِ دوران ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برساتون ٿيون، شهر جي سمورن قدرتي پاڻي جي نيڪال جي رستن تي قبضن جي ڪر?? نيڪالي جا مسئلا ٿين ٿا، سنڌ حڪومت اهي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر?? رهي آهي ۽ هاڻي صورتحال ڪافي بهتر آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان شهر جي رستن جي مرمت لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا آهن ۽ وڌيڪ فنڊز جو ??نتظام ڪر?? رهيا آهيون.
اسان پنهنجي قائد کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيا آهيون، اسان کي گڏجي هن ملڪ کي مضبوط ڪرڻو آهي: سيد مراد علي شاهه
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر