ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات واري ??وب??ئي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي جي ج??وجهد کي ڪڌي حربن سان دٻائي نه ٿو سگهجي، نه ئي ڏاڍ ۽ سختين سان ڪشميري ڀائرن جو رستو روڪي سگهجي ٿو. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي ج??ري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشمير جي خص??صي حيثيت کي فوري بحال ڪري، مودي سرڪار پاران والاريل واديءَ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته مودي سرڪار جي قدمن ۽ پاليسين سان خطي ۾ امن کي سخت خطرا آهن، انساني حقن جون ع??لم?? تنظيمون ۽ گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن. هن چيو ته سنڌ جي عوام ڪشميري ڀائرن جي ج??وجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ خص??صي پروگرام، ريليون منعقد ڪيون پيون وڃن ته جيئن ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪري سگهجي ۽ نئين نسل کي ان بابت آگاهي ڏئي سگهجي.
ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد کي ڪڌي حربن سان دٻائي نه ٿو سگهجي: صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ