اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي چيو آهي ته گلوبلائيزيشن دنيا کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، گلوبلائيزيشن جي ڪري سيڪيورٽي اندروني امن سان مشروط آهي ۽ پاڪستان امن ۽ استحڪام چاهي ٿو. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ڊائيلاگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي چيو ته پاڪستان امن ۽ استحڪام چاهي ٿو. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا جيو پوليٽڪس کان جيو اڪنامڪس طرف وڌي ره?? آهي اسان نئين دور ۾ امن سان اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. شا??ه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ترقي ۽ امن جو حصيدار آهي، اسان روايتي حصيداري کان به اڳتي جا لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي لاءِ وڏو ٽرننگ پ??ائنٽ ثابت ٿيندو، اسان خطي ۾ غربت ۽ تعليم جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جو سپر سونڪ ميزائيل پاڪستان ۾ ڪرڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. ڀارتي ميزائيل جي ڪري خطي ۾ سيڪيورٽي مسئلا جنم وٺي سگهيا پئي.
گلوبلائيزيشن دنيا کي متحد ڪري ڇڏيو آهي، گلوبلائيزيشن جي ڪري سيڪيورٽي اندروني امن سان مشروط آهي ۽ پاڪستان امن ۽ استحڪام چاهي ٿو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے