اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خواهشمند ٻاهرين م??ڪ رهندڙ ڊاڪٽرن جي سهولت لا??ِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ ڊيسڪ قائم ڪئي وڃي، ايسوسيئيشن آف فزيشن آف پاڪستاني اوريجن آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) کي وزيراعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ان شعبي ۾ ان جي اڻ ڳڻين م??ارتن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي. وزيراعظم عمران خان سان ايسوسيئيشن آف فزيشن آف پاڪستاني اوريجن آف نارٿ آمريڪا (اي پي پي اين اي) جي وفد هتي ملاقات ڪئي. ان م??قعي تي وزيراعطم چيو ته ٻاهرين م??ڪ رهندڙ پاڪستاني ڊاڪٽرن کي پاڪستان ۾ معياري صحت جي نظام جي فراهمي لاءِ وڏي سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم اتر آمريڪا جي صحت جي شعبي ۾ اي پي پي اين اي جي خدمتن کي ساراهيندي ان تي زور ڏنو ته هو پاڪستان ۾ جديد ترين طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ وڌ کان وڌ سڌو سنئون غير ملڪي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي طاقت جو استعمال ڪن. اي پي پي اين اي جي صدر ڊاڪٽر رضوان خالد ڪووڊ – 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جي نمايان ڪامابين تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني، هن ٻاهرين م??ڪ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ سان گڏوگڏ ان جي سهولتن لاءِ پاور آف اٽا??ني جي لاءِ آن لائين سسٽم قائم ڪرڻ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو. هن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پاڪستان ۾ نه رڳو خيراتي ۽ فلاحي منصوبن ۾ پر صحت جي شعبي ۾ موثر پاليسي سازي ۾ به پنهنجو حصو وجهندا، هنن چيو ته انهن کي ان سلسلي ۾ سرڪاري تعاون ۽ سهولت جي ضرورت آهي، وزيراعظم ان م??قعي تي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اي پي پي اين اي کي وزيراعظم جي قومي صحت ٽاسڪ فورس ۾ مناسب نمائندگي ڏئي ڪري ان شعبي ۾ ان جي اڻ ڳڻي مهارت مان فائدو حاصل ڪن، وزيراعظم پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهشمند ٻاهرين م??ڪ پاڪستاني ڊاڪٽرن جي سهولت لا??ِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ هڪ مخصوص ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ملاقات ۾ وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان به شامل هو.
وزيراعظم پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڊاڪٽرن جي سهولت لاءِ سيڙپڪاري بورڊ ۾ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی