استنبول – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حقيقي ترقي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو نالو آهي ۽ ان جا ثمر معاشري جي هيٺين طبقي تائين پهچائڻ اڻٽر آهن ت?? جيئن کين معاشي طور تي با??ختيار بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پائيدار ترقي (ايس ڊي پي آءِ) با??ت پاليسي اداري جي اهتمام هيٺ منعقد 24 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي آن لائين خطاب ڪندي ڪيو. ايس ڊي پي آءِ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم چيو ته مسلمانن جي پهرين رياست جيڪا صحيح معنيٰ ۾ هڪ فلاحي رياست هئي ۽ ان ۾ غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جو خيال رکيو ويندو هو، هن چيو ته اها رياست ترقي جو بهترين نمونو پيش ڪندي آهي جنهن دنيا جي هڪ بهترين تهذيب جو بنياد رکيو. هن چيو ته هر اها قوم جيڪا رياست مدي??ي جي نمو??ي جي تقليد ڪندي، ان کي عروج حاصل ٿيندو جنهن جو بهترين مثال چين آهي جنهن مختصر عرصي ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍيو. اهو مقصد ڪمزور طبقن تي خرچ ڪرڻ ۽ شموليتي ترقي جي ذريعي حاصل ڪيو ويو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران اسان جي حڪومت تي مڪمل لاڪ ڊائون لڳائڻ جي حوالي سان سخت دٻاءُ هو پر اسان سمارٽ لاڪ ڊائون جو رستو اختي??ر ڪيو ت?? جيئن ماڻهن کي وبا کان بچائڻ سان گڏوگڏ ماڻهن کي روزگار ۽ معيشت کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. هن چيو ته آئون ايس ڊي پي آءِ جو ٿورائتو آهيان جنهن فوڊ سيڪيورٽي ڊيش بورڊ قائم ڪري حڪومت کي روز مر?? جي استعمال جي شين جي دستيابي تي نظر رکڻ ۾ مدد ڏني.
حقيقي ترقي سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو نالو آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد