اسلام آباد – پهرين ??گسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته هو پنهنجي حڪومت جي ايندڙ ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ راندين ??ي خاص ڌيان ڏيندو، معيشت سمي?? ٻين ملڪي مسئلن جي ڪري هو راندين ??ي لاءِ وقت نه ڏئي سگهيو. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ سوشل ميڊيا تي طلحيٰ طالب جي سرڪاري سرپرستي کانسواءِ اولمپڪس ۾ نمايان ڪارڪردگي جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته راندين کي جيڪو وقت ڏيڻ گهرجي ها نه ڏئي سگهيس، معيشت ۽ ٻين مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ڪري اهو وقت نه ڏئي سگهيس، آئون راندين ??ابت بهتر ڄاڻان ٿو، ڪرڪيٽ، هاڪي، ??سڪوائش جو عروج ڏٺو، راندين ۾ پستي جو بنيادي سبب ٻن خاندانن جي حڪومت آهي جن ادارا تباهه ڪيا، انهن نيب ۾ پنهنجا من پسند ماڻهو ويهاري ان کي تباهه ڪيو پر اسان جي دور ۾ نيب پهريون ڀيرو وڏن ماڻهن تي هٿ وڌو جڏهن ته اهو ئي قانون آهي، ??ي شرمي ۽ بيدردي سان ملڪ ک?? ڦريو، هاڻي ان اداري انهن جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيون آهن. وزيراعظم چيو ته راندين ۾ اسان دنيا سان مقابلو ڪري رهيا هئاسين، دنيا پنهنجي جديد ذريعن سان اڳتي وڌي رهي آهي، ??سان جو مسئلو راندين ??ا ادارا نه ٺاهڻ آهي، ??سڪوائش ۾ جان شير ۽ جهانگير خان جي وڃڻ کانپوءِ اها راند اسان جي هٿن ۾ نڪري وئي ڇو ته اسان اسڪوائش جو ادارو نه ٺاهيو، اسان کي راندين ??ا ادارا ٺاهڻا آهن، پروفيشنلز کڻي اچڻا آهن، آخري ٻن سالن ۾ ان تي ڀرپور ڌيان ڏيندس. هن چيو ته سسٽم بهتر ٿيڻ جي ڪري نيوزيلينڊ ڀارت کي هارائي ڇڏيو، اسان يونين ڪائونسل جي سطح تائين ميدان ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ??سان آهستي آهستي سسٽم ٺيڪ ڪنداسين.
پنهنجي حڪومت جي ايندڙ ٻن سالن ۾ پاڪستان ۾ راندين تي خاص ڌيان ڏيندس: عمران خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ