اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جي ??رقي جمهوريت سان واڳيل آهي، ملڪ صحيح رخ ۾ ترقي جي ??اهه تي گامزن آهي، جمهوري عمل جي ??سلسل سان ان ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، گئس ۽ بجلي جي کوٽ جا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن اهو ئي سبب آهي جو گهٽ ٿيندڙ اقتصاد?? واڌويجهه جي ??رح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪالهه آچر ڏينهن چترال گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي پهرين يونٽ جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پهرين يونٽ جي ??فتتاح تي وزيراعظم سان گڏ چترال مان قومي اسيمبلي ميمبر شهزاده افتخارالدين، واپڊا چيئرمين سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبي جي مجموعي پيداواري صلاحيت 108 ميگاواٽ آهي ۽ 36 ميگاواٽ جا ٽي يونٽ هنيا ويندا. پهريون يونٽ مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻيو ۽ ٽيون يونٽ هلندڙ سال مارچ ۽ مئي 2018ع ۾ مڪمل ٿي ويندا.
ملڪ جي ترقي جمهوريت سان واڳيل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ