دبئي – 13 فيبروري (اي پي پي) ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي خابرو ادارن جي سربراهن 6 نقاطي پڌرنا??ي تي صحيحون ڪندي انسانيت جي خدمت ۽ ڀلائي، تيز تر ترقي ۽ جديد اقتصاديات جي جوڙجڪ ۾ معاونت جي لاءِ ميڊيا جي ميدان ۾ نئين ٽيڪنالاجيز جي فروغ ۽ جدت رکندڙ ذريعا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو آهي. ورلڊ گورنمينٽ سمٽ ۾ مختلف ملڪن جي خابرو ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي جيڪا دبئي، گڏيل عرب امارات ۾ 11 کان 13 فيبروري تي ٿي. قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود احمد ملڪ ??ان??رنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ اي پي پي پاران نيوز ايجنسين جي پڌرنا??ي تي صحيحون ڪيون. خابرو اداري جي نمائندن سربراهه ??ان??رنس جي بنيادي موضوعن جي اهميت ۽ عالمي افهام تفهيم جي فروغ جي ضرورت سان گڏوگڏ معاشري، ان جي ادارن، ميمبرن ۽ ميڊيا جي پيشي جي ذميوارين جي ادراڪ کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ورلڊ گورنمينٽ سمٽ 2018ع ۾ شريڪ نيوز ايجنسين جي پڌرنا??ي تي صحيحون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ورلڊ گورنمينٽ سمٽ پڌرنامي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر پاران صحيحون
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا