اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حضرت امام حسين رضه ظلم ۽ ڏاڍ جي پيروي ڪرڻ بدران شهادت جو رستو اختيار ڪري دنيا کي حق جي حفاظت لاءِ جانين جي نذراني جو سبق ڏنو آهي. وزيراعظم اها ڳالهه عاشوري جي ڏينهن، 10 محرم الحرام 1438 هه/2016ع جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي. وزيراعظم چيو ته عاشوره محرم اس??ن کي ڪربلا جي ياد ڏياري ٿو، ڪربلا ۾ حق ۽ ??دا??ت جو علم بلند رکڻ جي لاءِ امام عالي مقام حضرت امام حسين رضه ظلم ۽ ڏاڍ جي اطاعت ڪرڻ بدران شهادت جو رستو اختيار ڪيو ۽ دنيا کي هي سبق ڏنو ته حريت هڪ بنيادي حق آهي جيڪو دين اسلام جي تعليم جي عين مطابق آهي، حق جي حفاظت ڪرڻ پنهنجي جان جي حفاظت ڪرڻ کان وڌيڪ ضروري آهي. اه?? ئي اهو پيغام آهي جيڪو رسول صه جي ڏوهٽي جي شهادت مان اس??ن کي ملي ٿو، وزيراعظم چيو ته دنيا جي تاريخ ۾ اهڙي قرباني ۽ اس??قامت جو ڪو به مثال موجود نه آهي، امام عالي مقام جو هي پيغام پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي.
امام حسين رضه حق لاءِ جانين جي نذراني جو سبق ڏنو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی