مدينه منوره -20 نومبر (اي پي پي) مديني پا?? جي گورنر شهزاده فيصل بن سلمان 35 ن??ن اسڪولن جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق مديني پا?? جي گورنر 50 ڪروڙ ريالن جي لاڳت سان تيار ٿيل 35 ن??ن اسڪولن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تعليم وارو وزير يوسف البنيان به موجود هو. تعليم واري وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم واري وزارت مدينه منوره جي اسڪولن کي ڪرائي جي عمارتن کان آزاد سلوگن تحت مديني ريجن ۾ سرڪاري اسڪول تعمير ڪرائي رهي آهي. نوان اسڪول خانگي شعبي جي شراڪت سان تعمير ڪيا ويا آهن. جنهن تحت هلندڙ سال جي وچ تائين رينٽ جي عمارتن وارن اسڪولن جو انگ 8 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو. 2024?? تائين مديني پا?? جي شهر ۾ رينٽ جي عمارتن وارو ڪو به اسڪول نه رهندو. 2025ع کان 2027ع جي آخر تائين مديني پا?? جي ٻين ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به رينٽ جي عمارتن ۾ قائم اسڪولن مان ڇوٽڪارو ملي ويندو.
مديني جي گورنر 35 نون اسڪولن جو افتتاح ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں