ماسڪو-02 نومبر (اي پي پي) روس ??ي صدر ولادي ميرپيوٽن جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي سي ٽي بي ٽي جي توثيق کي رد ڪري ڇڏيو. اي ايف پي مطابق روسي صدر گذريل ڏينهن هڪ قانون تي صحيح ڪئي جنهن ۾ روس ??رفان جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي ڪمپري هنسيو نيوڪليئر ٽيسٽ بين ٽريٽي (سي ٽي بي ٽي) جي توثيق کي رد ڪري ڇڏيو آهي. 1996ع جو اهو معاهدو ايٽمي هٿيارن جي لائيو تجربن سميت سمورن ايٽمي ڌماڪن کي غير قانوني قرار ڏي ٿو. حالانڪ اهو معاهدو آمريڪا ۽ـ چين طرفان ڪڏهن به توثيق حاصل نه ڪرڻ سبب ڪڏهن به ل??ڳو نه ٿيو. ان معاهدي کي رد ڪرڻ جو بل گذريل مهيني روس ??ي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن کي هڪ تيز رفتار عمل سان منظور ڪيو ويو. پارلياماني ٻُڌڻين دوران رياست ڊوما جي اسپيڪر ويا چسلا وولوڊن چيو ته معاهدي کي رد ڪرڻ جي قدمن جو ايٽمي هٿيارن جي باري ۾ رياست هاءِ متحده جي مذاق بدتميز روين جو جواب آهي. جيتوڻيڪ هي ڪڏهن به ل??ڳو نه ٿيو پر ايٽمي طاقتن فرانس ۽ برطانيه سميت 178 ملڪن ان معاهدي جي توثيق ڪئي ۽ ان ??ي علامتي اهميت آهي. سندن حامين جو چوڻ هو ته هن ايٽمي هٿيارن جي سڌ??ءَ ريت تجربن خلاف هڪ بين الاقوامي معيار قائم ڪيو، پر ڪجهه ما??هن جو چوڻ آهي ته وڏي ايٽمي طاقتن جي توثيق کانسواءِ معاهدي جي صلاحيت غير حقيقي آهي. پيوٽن جي پهرين مُدت جي صدر بڻجڻ جي 6 مهينن کانپوءِ روس ??ي پارليامينٽ جون 2000ع ۾ ان معاهدي جي توثيق ڪئي هئي.
روس جامع ايٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي جي توثيق رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب