اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ڪراچي جي هڪ ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم پورٽ ٽرسٽ تي قائم سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينلز جو دورو ڪندو. وزيرا??ظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ ايف بي آر جي ڪسٽم ڪليئرنس جي خودڪار نظام ج?? افتتاح ڪندو. ان نظام جو مقصد ڪسٽمز ڪليئرنس ۾ شفافيت ۽ ڪليئرنس جي وقت ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. وزيرا??ظم پنهنجي گذريل ڪراچي جي دوري ۾ ان خودڪار نظام کي لڳائڻ جون هدايتون ڏنيون هيون. وزيرا??ظم پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو دورو ڪندو جنهن ۾ ان جي 2024ع ۾ پوري دنيا جي ٻي بهترين ڪارڪردگي رکندڙ اسٽاڪ ايڪسچينج جو اعزاز حاصل ڪرڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. دوري ۾ وزيرا??ظم آغا خان يونيورسٽي ۾ ڪلينڪل پريڪٽس جي هدايت جي مهورتي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وز??ر م??مد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ناڻي وارو وفاقي وز??ر م??مد اورنگزيب، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ صحت وارو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار ا??مد ڀرٿ به وزيرا??ظم سان گڏ آهن.
وزيراعظم ڪراچي پورٽ ٽرسٽ تي قائم سائوٿ ايشيا پاڪستان ٽرمينلز جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد