اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي لاءِ عالمي قدم?? کي ساراهيندي پاڪستان پاران انهن قدمن جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڊي 2024ع تي پنهنجي پيغام ۾و زيراعظم چ??و ته اسان ڪنهن شهري جي سماجي ۽ اقتصادي حيثيت کان هٽ?? ڪري سڀني جي لاءِ صحت جي سارسنڀال کي پهچ جوڳو بڻائڻ کي اخلاقي طور تي پنهنجو فرض سمجهن ٿا. هن چيو ته صحت تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه اسان جي قومي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي تي ٺاهه هوندو، هي هڪ اهڙو شعبو آهي جنهن کان مُنهن نٿو موڙي سگهجي. وزيراعظم چ??و ته هلندڙ سال يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڊي جو موضوع ”صحت: حڪومت جي ذميواري“ آهي، ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ ته ڪنهن شخص کي پنهنجي صحت جي سارسنڀال ۽ بنيادي ضرورتن جهڙوڪ خوراڪ، رهائش يا تعليم مان ڪنهن ??ڪ جي چونڊ نه ڪرڻي پوي، حڪومت جي ذميواري آهي. وزيراعظم چ??و ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حڪومت صحت سهولت پروگرام جهڙا قدم متعارف ڪرايا آهن، جنهن جي سربراهي قومي صحت واري وزارت ”صحت سڀني جي لاءِ“ جي عنوان سان ڪري رهي آهي. هي پروگرام جنه?? کي عالمي سطح تي ڊبليو ايڇ او جهڙين تنظيمن پاران ساراهيو پيو وڃي، معاشري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبق?? کي ترجيح ڏيندي لکين خاندان?? کي مفت صحت جي سهولت فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم چ??و ته حڪومت صحت جي سارسنڀال جي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪار?? ڪري رهي آهي ۽ ڳوٺاڻي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ خصوصي طور تي انتهائي ضروري زندگي بچائيندڙ دوائن تائين په?? کي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان 2030ع تائين پائيدار ترقي جي هدفن ۾ واضح ڪيل صحت بابت هدف?? کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن سان اهڙو فريم ورڪ تيار ۽ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تعاون جاري رکنداسين جيڪي صحت کي بطور بنيادي انساني حق ترجيح ڏين ٿا.
وزيراعظم پاران يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي لاءِ عالمي قدمن جي واکاڻ، پاڪستان پاران ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون