اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) ??پر??م ڪورٽ جي آئيني بينچ عدم پيروي ۽ ٻين سببن جي بنا تي ڪيترائي ڪيس اُڪلائي ڇڏيا. ??پر??م ڪورٽ آف پاڪستان جي آئيني بينچ آئيني معاملن بابت ??ذر??ل ڏينهن ڪيترن ئي ڪيسن جي ٻُڌڻي ڪئي ۽ اڪثر درخواستن کي ڪنهن نه ڪنهن سبب سان رد ڪري ڇڏيو. ??پر??م ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ درخواستن کي دائمي ترتيب ۾ ٻُڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪيو ۽ اڪثر پُراڻن ڪيسن جا درخواستگذارن طرفان عدم پيروي سبب انهن کي اُڪلائڻ جا قدم جاري رکيا. آئيني بينچ عام چونڊ 2024ع ۾ مبينه ڌانڌليءَ بابت 3 درخواستون عدم پيروي سبب اُڪلائي ڇڏيون. ٻُڌڻي شروع ٿي?? تي درخواستگذار عبدالقيوم خان، محمود اختر نقوي ۽ ميان شبير عدالت ۾ موجود نه هئا. آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني طرفان داخل درخواست جي ٻُڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن جي ٻُڌڻي هاڻي ??پر??م ڪورٽ ۾ سياري جي موڪل کانپوءِ ٿيندي. پي ٽي آءِ بانيءَ جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ فيبروري 2024ع ۾ ٿيل عام چونڊ ۾ مبينه ڌانڌليءَ خلاف پنهنجي درخواست کي ملتوي ڪرڻ جي گذارش ڪئي جنهن تي بينچ درخواست منظور ڪري ورتي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ آئيني بينچ ??پر??م ڪورٽ جي اڳوڻي جج مظاهر علي اڪبر نقوي جي پاڪستان جوڊيشل ڪميشن طرفان ان کي شوڪاز نوٽيس جي خلاف درخواست تي به اُڪلائي ڇڏي. واضح رهي ته مظاهر علي نقوي کي پاڪستان جوڊيشل ڪميشن بدانتظامي جي بنياد تي ??پر??م ڪورٽ جي جج جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. مظاهر نقوي جي وڪيل عدالت ۾ گذارش ڪئي ته سندس مؤڪل سان رابطو قائم ناهي ٿيو ۽ رابطو ڪرڻ ۽ مشوري لاءِ وقت ڏنو وڃي، جڏهن ته عدالت ان درخواست کي رد ڪري ڇڏيو ته ڪيس ۾ ڪابه نئين اڳڀرائي ناهي ٿي ۽ پاڪستان جوڊيشل ڪميشن پهر??ائ??ن کي پنهنجو فيصلو ٻُڌائي چڪي آهي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪيترائي ڪيس اُڪلائي ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ