اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي تي مٽيءَ اڏائڻ وارا اڄ مٽيءَ ويهارڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، تحريڪ انتشار گ??لي هلڻ جو ڪوڙو بيانيو ٺاهي رهي آ??ي، گ??لي هلي آ??ي ته ثبوت سامهون ڇو نه ٿا آڻين؟ ڊ??ڙو?? ڇو لڳايون؟ موقعي تان ڀڄي ويندڙ بهانا ٺاهي رهيا آهن. چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گليلن، بلورن، پٿرن، اسٽن گنز ۽ هٿيارن سان ليس شرپسندن 26 نومبر تي وفاق تي چڙهائي ڪئي، پوليس ۽ رينجرز جي جوانن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو، ان نقصان جو مداوو ڪير ڪندو؟ شهيد جوانن جو رت ڪنهن جي هٿن تي ڳوليون. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف وٽ گ??لي هلڻ جو ڪو هڪ ثبوت آهي ته سامهون آڻي. هن چيو ته پرتشدد سياست ۽ پرتشدد احتجاج پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، پنهنجي مٿان اٿندڙ سوالن جا جواب ڏين، الزام هڻي انهن کان منهن نه موڙين، 9 مئي سانحي جا سمورا ثبوت موجود آهن، تحريڪ انصاف جي پوري قيادت 9 مئي سانحي ۾ ملوث آهي.
9 مئي تي مٽيءَ اڏائڻ وارا اڄ مٽيءَ ويهارڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ