اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽ??ءَ جي چيئرمين ب??او?? ڀٽو زرداري چيو آهي ته 30 نومبر جو ڏينهن ملڪ ۾ جمهوريت، سماجي انصاف ۽ عوام جي اختيارن لاءِ پ پ جي 57 سالن تي ٻَڌل غير متزلزل وابستگ??ءَ جو مظهر آهي، اچو ته اسان پارٽي جي اصولن کي برقرار رکڻ ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائ??ءَ لاءِ ڀرپور محنت ڪرڻ جو عهد ڪريون. ب??او?? هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري پريس رليز موجب پ پ پ چيئرمين ب??او?? ڀٽو زرداري يومِ تاسيس جي موقعي تي ڪارڪنن، حامين ۽ پاڪستاني عوام کي مبارڪون پيش ڪندي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لازوال ميراث کي اجاڳر ڪيو، جنهن 30 نومبر 1967ع تي پ پ جو بنياد ان مقصد سان رکيو ته برابري، انساني حقن ۽ معاشي خوشحالي جي اصولن تي ٻَڌل هڪجهڙو معاشرو قائم ڪيو وڃي. هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قربانين کي به خراجِ عقيدت پيش ڪيو جنهن جمهوريت لاءِ بي مثال بهادر??ءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد سان لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو. ب??او?? ڀٽو زرداري پاڪستان جي تاريخ جوڙڻ ۾ پ پ جي اهم ڪردار تي به روشني وڌي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ پارٽ??ءَ قوم کي 1973ع جو پهريون جمهوري آئين ڏنو جيڪو سمورن شهرين جي مساوي حقن ۽ نمائندگي کي يقيني بڻائي ٿو. قائدِ عوام پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي شروعات ڪئي جيڪو ملڪ جي دفاعي صلاحيتن جو سنگ بنياد بڻيو. پ پ زمين جي ورهاست، پورهيتن جي حقن ۽ تعليم ۾ انقلابي سڌارا متعارف ڪرايا جيڪي سماجي تر????ءَ جا بنياد بڻيا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جيڪا مسلم ملڪن جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، نه صرف جمهوريت کي مضبوط ڪيو پر عورتن کي بااختيار بڻايو، سماجي فلاح ۽ بهبود کي هٿي ڏني ۽ ڪروز ميزائل ٽيڪنالاجي جي تر????ءَ ۾ به قيادت فراهم ڪئي. صدر آصف علي زرداري جي پهرين دؤرِ جي صدارت ۾ پ پ حڪومت مساوات جي اصولن سان پنهنجي غير متزلزل وابستگ??ءَ جو مظاهرو ڪندي 18هين آئيني تر??يم ذريعي صوبائي خودمختاري کي مضبوط بڻايو ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي شروعات ڪئي، جيڪا هاڻ تائين لکين مستحق شهرين جي زندگين کي بهتر بڻائي چڪي آهي. هن چيو ته پ پ هميشه محروم طبقن جو آواز، پورهي??ن ۽ آبادگارن جي حقن جي محافظ ۽ عور??ن ۽ اقليتن جي اختيارن کي مضبوط بڻائڻ جي حامي رهي آهي. پنهنجي بنياد کان وٺي اڄ تائين پ پ هڪ پُرامن، تر??ي پسند ۽ خوشحال پاڪستان جي جدوجهد ۾ ثابت قدم رهي آهي. هن پ پ جي ڪارڪنن جي ثابت قدمي ۽ وفاداري کي ساراهيندي چيو ته هو پارٽ??ءَ جي طاقت ۽ ڪاميابي جا بنياد آهن. پارٽي جي بنيادي اصولن سان وابستگي جو ورجاءُ ڪندي هن ظلم، ناانصافي ۽ عدم مساوات خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ڪيو. هن چيو ته اڄ ان تاريخي ڏينهن جي موقعي تي اچو ته اسان پارٽ??ءَ جي اصولن کي برقرار رکون ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائ??ءَ لاءِ ڀرپور محنت ڪرڻ جو عهد ڪريون، گڏجي اسان هڪ جمهوري ۽ جامع پاڪستان جي خواب جي ساڀيان ڪريون. ب??او?? ڀٽو زرداري پارٽي ڪارڪنن ۽ حامين تي زور ڀريو ته هو يومِ تاسيس کي ولولي ۽ يڪجهت??ءَ سان ملهائين ۽ ان عظيم قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪن جيڪي جمهوريت جي جدوجهد لاءِ ڏنيون ويون.
اچو ته يوم تاسيس جي موقعي تي پارٽي جي اصولن کي برقرار رکڻ ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڀرپور محنت ڪرڻ جو عهد ڪريون: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II