اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات جي ??عبن ۾ مربوط قدمن ذريعي اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا. سيڙپڪاري بورڊ مان جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير آذربائيجان ۾ پاڪستاني سفير سان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس دوران آذربائيجان جي ??ازي دؤري جي ??وشني ۾ سيڙپڪاريءَ جي معاملن تي غور ويچار ۽ آئنده لائحه عمل تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير، آذربائيجان ۾ پاڪستان جي ??في?? قاسم محي الدين کان فالو اپ معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڊيو لِنڪ اجلاس ۾ مواصلات ۽ نجڪاري جا وفاقي سيڪريٽري به شريڪ هئا. هن پنهنجي کاتي جي ??والي سان بريفنگ ڏني. قاسم محي الدين، وفاقي وزير کي مختلف معاملن تي ٿيل اڳڀرائيءَ بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻُڌايو ويو ته آذربائيجان جا مختلف سرڪاري ادارا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ادارن جي نجڪاري ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته آذربائيجان سان مواصلات جي ??عبي ۾ ٻن موٽر ويز، ايم 6 ۽ ايم 9 ۾ سيڙپڪاري تي به غور ڪيو. هن چيو ته ترڪيه ۽ آذربائيجان جي پاڪستان ۾ سفيرن سان جلد ڌار ڌار ملاقاتون ڪندس. هن هدايت ڪئي ته پاڪستاني سفارتخانو ڊسمبر جي ??وائنٽ ڪميشن ??ي اجلاس کان پهرين پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري. وفاقي وزير کي آذربائيجان سان سيڙپڪاريءَ لاءِ ”جي ٽو جي“ طريقيڪار تي سيڙپڪاري ۽ ٻه طرفن سرگرمين جي ??اري ۾ به بريفنگ ڏ??ي وئي. هن چيو ته واپاري معاملن تي سينٽرل ايشيا پاڪستان لاءِ اوڀر يورپ تائين گيٽ وي ثابت ٿي سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته باڪو، آذربائيجان ۾ هلندڙ مهيني ٿيل ڪوپ-29 ۾ پاڪستان جي نمائندگي نمايان رهي.
نجڪاري، سيڙپڪاري ۽ مواصلات جي شعبن ۾ مربوط قدمن ذريعي اڳيان وڌڻ چاهيون ٿا: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : کڑک