اسلام آباد-20 نومبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خ??نه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب توشه خ??نه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي درخواست واري ضمانت تي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ باني جو وڪيل سلمان صفدر ۽ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻُڌڻيءَ دوران عدالت پُڇاڻو ڪيو ته جن ٽن ڪسٽمز آفيسرن قيمتون لڳايون انهن بابت ڇا ڪارروائي ٿي؟ ان تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ٻُڌايو ته ڪسٽمز آفيسرن کان ڪوتاهي ٿي پر اهو ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ نه هو، جن مالي فائدو کنيو اهي بينفش??ي ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ جو مرتڪب ٿيا. پراسيڪيوٽر چيو ته بلغاري جيولري سيٽ کي غير ق??نو??ي طور تي پاڻ وٽ رکيو ۽ توشه خ??نه ۾ جمع ئي نه ڪرايو. پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڪري پر ميڊيا ۾ پهريان کان ئي آهي ته ضمانت ٿي ويندي. ان تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ميڊيا کان پاڻ کي آجو ڪريو. جسٽس گل حسن اورنگزيب جو چوڻ هو ته ميڊيا ۾ چيو وڃي ٿو ته ڄاڻي واڻي بيمار ٿي پيو آهي، ڄاڻي واڻي نه آيو، ميڊيا جيڪڏهن سنسني نه پکڙيندو ته سندن ڪاروبار ڪيئن هلندو. بعد ۾ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ توشه خ??نه ٽو ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ڪئي. عدالت پي ٽي آءِ باني کي 10-10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس ٽرائل ڪورٽ آڏو به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت چيو ته هي سيٽ جي وڌيڪ قيمت لڳائڻ جي شاهدي جو معاملو آهي، دٻاءُ جو معاملو اڃا ثابت ڪرڻو آهي، ٽرائل دوران عدالت سان تعاون نه ڪيو ويو ته ضمانت واپس ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته نيب پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي کي توشه خ??نه جي ٻئي ڪيس ۾ 13 جولاءِ تي گرفتار ڪيو هو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران توشه خانه ٽو ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت منظور
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena