اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ڊئنمارڪ جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جي دؤري کان اڳ ڊئنمارڪ جي شپنگ ڪمپني ميرسڪ لائن جي سينيئر عملدارن اهم ملاقات ڪئي. وفاقي وزير ميرسڪ لائن جي عملدارن کي چيو ته ملڪ ج?? سامونڊي شعبي ۾ 2 بلين آمريڪي ڊالرن جي تاريخي سيڙپڪاري اچڻ وڏي ڪاميابي آهي. وفاقي وزير پاڪستان ??ڪو??ت تي ان اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ڊئنمارڪ جي ??ڪو??ت ۽ ميرسڪ لائن جو ٿورو مڃيو. ميرسڪ لائن ڪمپني جي عملدارن سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان ??ڪو??ت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته معاهدي کان اڳ اسان مطمئن آهيون. وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ميرسڪ عملدارن کي ان جي آپريشنز کي آسان بنائڻ ۽ پيش ايندڙ ڪنهن به چئلينج کي مُنهن ڏيڻ ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته اسان ميرسڪ لائن سان ڪم ڪرڻ ۽ ان جي سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ هموار ۽ م??ثر عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار آهيون. هن وڌيڪ چيو ته حصيداري جي شرطن ۽ ضابطن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي ۽ اڄ جي ملاقات ٻنهي ڌُرين وچ ۾ هڪ باضابطه معاهدي کان اڳ هڪ واضح مفاهمت قائم ڪرڻ ۾ سازگار ماحول ثابت ٿي. وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي تعاون پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي راهه هموار ڪندو ۽ پاڪستان ج?? سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته پاڪستان ??ڪو??ت سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجن??ڙ سمورن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ميرسڪ لائن سان ان جي حصيداريءَ سان پورٽس جي ترقي، روزگار جي موقعن ۽ م??موعي اقتصادي ترقيءَ جا بيشمار موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي جنهن سان عالمي شپنگ انڊسٽريءَ ۾ پاڪستان جي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ٿيندي.
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ڊئنمارڪ جي شپنگ ڪمپني ميرسڪ لائن جي عملدارن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن