لاهور-31 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سک ياترين لاءِ ا??ان جا دروازا هميشه کُليل آهن، سک برادري جي ويزائن جا مسئلا حل ڪيا ويا، سک ياترين لاءِ پا??ست??ني ويزا فيس نه هوندي، ايندڙ سال ڪرڪيٽ چيمپئن ٽرافي ۾ ڀارتين لاءِ ا??پيشل ڪوٽا رکي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آمريڪا مان آيل 44 رڪني سک ياترين جي وفد سان هتي اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڊاڪٽر دلوير سنگهه پنون، سرجيت سنگهه هوٿي ۽ ٻين ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته پا??ست??ن آيل سک برادريءَ کي مسئلن کي مُنهن ڏيڻو پوندو هو پر ڪجهه عرصي ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ سک برادري جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پا??ست??ن اچڻ جي خواهشمند سک ياترين کي ويزا اِشو جو مسئلو هوندو هو، اس??ن سک برادري جي سهولت لاءِ ويزائن کي آن لائن ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته آمريڪي، ڪئنيڊين ۽ يو ڪي پاسپورٽ رکندڙ سک برادري آن لائن فارم جمع ڪرائين ۽ 30 منٽن ۾ ويزا حاصل ڪن. آن لائن ويزا جي ڪا فيس ناهي، اها سهولت ڀارتي ڄاون آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ برطانيه ۾ ترسيل سک برادري لاءِ پڻ آهي. هن چيو ته سک برادري لاءِ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، اوه??ن سال ۾ 10 ڀيرا پا??ست??ن اچو هر ڀيري اوهان کي ڀليڪار چونداسين. آن لائن ويزا لاءِ صرف فارم ڀرڻو آهي، ويزا 30 منٽن ۾ ا??هان جي هٿن ۾ هوندو. محسن نقوي چيو ته جهڙيءَ طرح مسلمانن لاءِ سعودي عرب مقدس آهي اهڙيءَ طرح سک برادري لاءِ پا??ست??ن، جڏهن ته هتي سک برادري جي ٻين ماڳن کي پڻ کوليو ويندو، وزٽ لاءِ ا??ازت نامي جي ضرورت نه هوندي. هن واضح ڪيو ته حسن ابدال، ڪرتارپور، ننڪانه صاحب لاهور ک??ن سواءِ ٻين ماڳن تي به وڃي سگهو ٿا. ??ن سلسلي ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن کي حل ڪنداسين. تازن ڏينهن ۾ پا??ست??ن حڪومت 124 ملڪن لاءِ ويزا فري ڪئي آهي. آمريڪا ۾ آيل سک ياترين جي وفد مهمان نوازي تي وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته فري آن لائن ويزا سروس سان تمام گهڻي سهولت ملي آهي. ان موقعي تي ناليوارو صنعتڪار ڪاشف اشفاق ۽ ٻيا عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
سک ياترين لاءِ اسان جا دروازا هميشه کُليل آهن، ويزائن جا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará