اسلام آباد-25 آڪٽوبر (اي پي پي) گ??رو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ميانوالي پوليس کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پنجاب پوليس جي بهادر جوانن 10 خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو.جمعي ڏينهن پنهنجي بيان ۾ وفاقي گ??رو وزير ڊي پي او ميانوالي اختر فاروق ۽ پوليس ٽيم کي شاباش ڏيندي چيو ته ميانوالي پوليس جي ٽيم جرئت سان ??وارجي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. پنجاب پوليس جي ڪمانڊر آءِ جي عثمان ??نور ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته ميانوالي پوليس جي ڪارنامي تي قوم کي فخر آهي. پنجاب پوليس جي بهادر سپوتن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪاميابيون ??اص?? ڪيون آهن. 10 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ وارا پوليس اهلڪار قوم جا هيرو آهن.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ