اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن ج?? اجلاس کان اڳ دولت مشترڪه جي پرڏيهي معاملن وارن وزيرن ج?? اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير وزارت?? اجلاس ۾ دولت مشترڪه جي بنيادي اصولن، خاص طور تي لچڪدار معاشرن کي فروغ ڏيڻ ۽ جامع ۽ برابر ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. هن دولت مشترڪه جي ترقي پسند ترجيحن ”صنفي برابري ۽ انٽرجنريشنل ڊائيلاگ“ کي پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي موقف ک?? اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته نائ?? وزيراعظم اهڙن معاشرن جي تعمير ۾ دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو جيڪي عالمي چئلينجز جو مقابلو ۽ انهن سان هم آهنگ ٿي سگهن. هن موسمياتي موافقت ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ور??اءُ ڪيو ۽ ڊيزاسٽر ريسپانس ڪوآرڊينيشن کي وڌائڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ماحولياتي تحفظ جي منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجي ڪوششن جو خاڪو پيش ڪيو. محمد اسحاق ڊار گڏيل چئلينجز جو مضبوط حل تيار ڪرڻ جي لاءِ ميمبر ملڪن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ دولت مشترڪه جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو پڻ اظهار ڪيو. هن چيو ته نائ?? وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ساموا جي وزيراعظم فيام نومي مطاف، سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن، روانڊا جي پرڏيهي وزير اوليور جي پي ندهو نگيري، ڏکڻ آفريقا جي نائب پرڏيهي وزير ايناٿانڊي موراڪا، سينٽ ڪٽس اينڊنيوس جي پرڏيهي وزير، ٽوگو جي واپار واري وزير ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريسيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقاتون ڪيون آهن.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان اڳ دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون