اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) گلگت بلتستان ۽ سيفران بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مق??م چيو آهي ته ڪشمير پاڪستانين جي ??لين ۾ رهي ٿو، 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واضح پيغام ڏنو ويندو. جاري ڪيل بيان مُوجب انجنيئر امير مقام جي ??دارت هيٺ 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي ??والي سان جائزه اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي انجنيئر امير مق??م چيو ته ڪشمير پاڪستانين جي ??لين ۾ رهي ٿو، 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واضح پيغام ڏنو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير تي ڏاڍ طور قبضو ڪري رکيو آهي جنهن کي ڪشميري عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، والاريل ڄمون ڪشمير جي معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي پُختي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جو آواز سڄي دنيا تائين پهچايو ويندو ۽ پاڪستاني قوم ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل تائين سُک سان نه ويهندي. اهو اسان جو قومي فرض آهي ۽ ڪشمير مسئلو زندهه آهي ۽ آزاديءَ تائين اسان جي ??لين ۾ زندهه رهندو. پاڪستان گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀائرن جي ??ياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وفاقي وزارتن، صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومتن جي نمائندن وفاقي وزير کي ڪاري ڏينهن جي ??ياري بابت بريفنگ ??ني.
ڪشميري پاڪستانين جي دلين ۾ رهن ٿا، 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واضح پيغام ڏنو ويندو: انجنيئر امير مقام
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ