اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرد??ري ملائيشيا جي وزي??اع??م داتوسري انور ابراهيم کي نشان پاڪستان عطا ڪيو. ايوان صدر ۾ ملائيشيا جي وزي??اع??م داتوسري انور ابراهيم کي اعزاز ڏيڻ جي لاءِ هڪ خصوصي تقريب ٿي جنهن ۾ صدر آصف علي زرد??ري ملائيشيا جي وزي??اع??م انور ابراهيم کي اسلامي معاملن جي حمايت ۽ پاڪستان جي بهترين دوست هجڻ جي اعتراف ۾ نشان پاڪستان سان نوازيو. تقريب دوران ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو ته ملائيشيا جو وزي??اع??م علامه اقبال جو شيدائي آهي ۽ ان جي ڪم کي پنهنجي لاءِ تحريڪ جو ذريعو سمجهي ٿو. وزي??اع??م انور ابراهيم پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ سدائين انسانيت جي مسئلن جي حل ۽ اسلامي قدرن جو علمبردار رهيو آهي. سندس قيادت انصاف ??ي فروغ ۽ اسلامي دنيا کي درپيش عالمي مسئلن جي حل لاءِ گهري وابستگي سان عبارت آهي. هو خودمختي??ري جي تحريڪن جو حامي رهيو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ظلم جي خلا?? آواز اٿاريندو رهيو آهي. سندس جدوجهد اسلامو فوبيا جي خلاف ۽ بين المذاهب هم آهنگي ??ي فروغ جي لاءِ ج??ري آهي ته جيئن مختلف ثقاف??ن ۽ مذهبن جي وچ ۾ افهام تفهيم ۽ احترام کي فروغ ڏئي سگهجي. ان تقريب ۾ وزي??اع??م محمد شهباز شريف، وفاقي وزيرن، هٿياربند فوج جي سربراهن، سفارتڪارن ۽ اعليٰ حڪومتي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ملائيشيا جي وزي??اع??م ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ هڪ سرڪ??ري آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو.
صدر آصف علي زرداري پاران ملائيشيا جي وزيراعظم کي نشان پاڪستان عطا
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری