اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته پاڪستان ڪوپ 29 ۾ موسمياتي قدمن، چئلينجز ۽ امڪاني حل پيش ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يو اين ايف سي سي سي جي ڪوپ 29 جي تياري جي حوالي سان ترقياتي حصيدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ماحولياتي سفارتڪاري جي هدفن کي حاصل ڪرڻ، صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۽ نجي شعبي جي شموليت ذريعي سمارٽ زراعت جي قدمن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعاون جي ضرورت تي روشني وڌي. هن پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين کي جلد منهن ڏيڻ تي زور ڀريو جنهن جو شم??ر عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ته عالمي ڪاربان خار?? ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ حصو وجهڻ باوجود پاڪستان کي موسمياتي آفتن جا سنگين نتيجا درپيش آهن، ٻوڏ ۽ ڏڪار جنهن بنيادي ڍانچي ۽ روز??ار کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.2022ع ۾ آيل ٻوڏ سبب 24 ارب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. هن ڪوپ 29 ۾ پاڪستان جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ترقياتي حصيدارن کان موثر ڪر??ار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن جو مقصد موافقت جي منصوبن لاءِ موسمياتي ماليات ۾ اضافو ڪرڻ آهي. وزيراعظم جي خاص مدد??ار چيو ته هو موسمياتي ۽ ماحولياتي چئلينجز لاءِ علائقائي حل تي??ر ڪرڻ لاءِ بزنس 20 ملڪن سان تعاون لاءِ سرگرم عمل آهي. هن موسمياتي حل ۾ صوبائي حڪومتن کي شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو جنهن ۾ خاص ڪري پنجاب جي وزيراعليٰ طرفان کنيل فعال قدمن کي اجاگر ڪرڻ شامل آهي. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري عائشه حميرا چوڌري اجلاس کي خطاب ڪندي ڪوپ 29 سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان جي تيارين ۽ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي راءِ جو اظه??ر ڪيو ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس منصوبابندي جي ضرورت تي زور ڀريو.
پاڪستان ڪوپ 29 ۾ موسمياتي قدمن، چئلينجز ۽ امڪاني حل پيش ڪندو: رومينه خورشيد عالم
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم