اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته عالمي ميڊيا پي ٽي آءِ جي باني کي ”ڊس گريس پرائيم منسٽر“ جو لقب ڏئي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جي باني جي حقيقت دنيا آڏو ظاهر ٿي وئي آهي، عمران خان حڪومت نه پر پنهنجي حرڪت سبب جيل ۾ آهي. ڪالهه هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته هلندڙ سال جنوريءَ کان آگسٽ تائين پي ٽي آءِ جي بانيءَ جا 132 رياست مخالف مضمون شايع ٿيا آهن، بي بي سي 14، نيويارڪ ٽ??ئم?? 13 آرٽيڪلز لکيا، گارڊين 10 آرٽيڪل لکيا، الجزيره 8، واشنگٽن پوسٽ، بلوم برگ پوسٽ ۽ فنانشل ٽ??ئم?? 6-6 آرٽيڪلز لکيا ۽ سمورا آپريشن گولڊ اسمٿ تحت ڪيا ويا، جنهن ۾ هڪ رٿابنديءَ ذريعي پي ٽي آءِ جي باني کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪستان خلاف هڪ ناڪاري پروپيگنڊا ڪرڻ جي حوالي سان عالمي رسالن کي جهڙيءَ طر?? استعمال ڪيو ويو، جهڙيءَ طر?? انهن ۾ من پسند بيانيو بڻايو ويو اهو سڀ قوم آڏو اچي چڪو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني پنهنجي حرڪتن سبب جيل ۾ بند آهي، هو نه حڪومت جي خواهش تي نه ڪنهن شخص جي خواهش تي جيل ۾ آهي، هو گهڙي چور، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ سبب جيل ۾ آهي. هن چيو ته دهشتگرديءَ جي هاڻوڪي لهر ڪنهن جو ڏنل ??حف?? آهي سڀ ڄاڻن ٿا ته اهو اوهان جو ڏنل ??حف?? آهي. پنهنجي حڪومتي دؤر ۾ جهڙيءَ طر?? اوهان طالبان دهشتگردن کي ٻيهر وسايو ۽ جيلن مان انهن کي آزاد ڪيو، اڄ پاڪستاني قوم ان جو ڪيتو ڀوڳي رهي آهي.
عالمي ميڊيا پي ٽي آءِ جي باني کي ”ڊس گريس پرائيم منسٽر“ جو لقب ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آءِ جو باني پنهنجي حرڪتن سبب قيد آهي: بئريسٽر عقيل ملڪ
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن