اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف پاران بجلي صارفين جي لاءِ تاريخي ريليف پئڪيج جي آجيان ڪندي چيو آهي ته 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جي لاءِ يونٽ 14 رپيا ڪرڻ جو ريليف بنا ڪنهن شڪ جي ميان محمد نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ جو عوام دوست بهتر قدم آهي، عوامي ريليف ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي حڪو??ت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ميان محمد نواز شريف جي هدايت تي قلمدان سنڀاليندي ئي عوامي ريليف کي حڪو??ت جي اولين ترجيح رکيو، تازو ئي اسان وفاقي حڪو??ت جي ترقياتي بجيٽ مان 50 ارب ڪاٽي بجلي جي قيمتن ۾ ريليف ڏنو جنهن سان 200 يونٽ وارا صارفين فائدو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته بجلي چوري جي خلاف قدمن ۽ بجلي جي شعبي جي سڌارن سان ان جو پائيدار ح?? ڪڍڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ معيشت جي استحڪام کانپوءِ ماڻهن جي زندگي آسان ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته معاشي استحڪام کانپوءِ ملڪ صحيح رخ طرف گامزن آهي، عوامي ريليف ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي حڪو??ت جي اولين ترجيح آهي، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي پائيدار ح?? جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
وزيراعظم پاران ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف پاران بجلي صارفين جي لاءِ تاريخي ريليف پئڪيج جي آجيان
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون