اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي)نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ڪويت جي سفير عبدالرحمان ج??سر المطيري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪويت ?? پاڪستان وچ ۾ ”جي ٽو جي“ ۽ ”بي ٽو بي“ جي بنياد تي منصوبن ۾ حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ڪويت جي سفير عبدالرحمان ج??سر المطيري وچ ۾ وڌيڪ جامع انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير ڪويت ?? پاڪستان ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي ڪويت جي سفير چيو ته پاڪستان جي معيشت جي مضبوطي ۽ گڏيل حصيداري ۾ هر ممڪن تعاون ڪنداسين. ڪويت جي سفير خاطري ڪرا??ين??ي چيو ته ڪويت جا پاڪستان سان لاڳاپا اهميت رکندڙ آهن. سمورن معاهدن کي پڄاڻي تي پهچا??ين??اسين. ڪويتي ادارن طرفان سمورن معاهدن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻا??ين??اسين. ڪويت جي سفير وفاقي وزير سان ڳالها??ين??ي چيو ته ڪويت مستقبل ۾ پاڪستان سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻا??ين??و. ڪويت جي سفير وفاقي وزير عبدالعليم خان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اوهان جي هاڻوڪي ڪويت جي دوري سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملي.
وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ڪويت جي سفير عبدالرحمان جاسر المطيري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena