اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري آذ??بائيجان کي ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ميزباني حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪوپ – 29 جي نتيجي ۾ اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مالياتي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ??يو??ن صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري آذ??بائيجان جي ماحولياتي ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار بابائيف سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ??يو??ن صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر ماحولياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ماحول دوست ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، وڻڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ گرين هائوس ??ئسن جو اخراج گهٽ ڪرڻو پوندو، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي سان گليشيئرز متاثر ٿي رهيا آهن، گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي پاڻي جي کوٽ جو سبب به بڻجي رهيا آهن، ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عالمي تعاون گهربل آهي. صدر چيو ته پاڪستان لکين هيڪٽرز تي تمر جا ٻيلا لڳايا آهن، تمر سان پاڪستان کي ڪاربن ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ، ماحولياتي تحفظ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان آذ??بائيجان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان آذ??بائيجان سان گڏيل مفادجي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ م??تح??م ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ رابطن، ٻطرفي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. آذ??بائيجان جي ماحوليات واري وزير مختار بابائيف پاڪستان ۽ آذ??بائيجان جي وچ ۾ سياحت ۽ ثقافت جي شعبي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. آذ??بائيجان جي ماحوليات واري وزير نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ ٿيندڙ ڪوپ – 29 ڪانفرنس ۾ شرڪت جو دعوتنامو صدر کي پهچايو. صدر ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ڪامياب ميزباني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته آذ??بائيجان ماحولياتي لحاظ کان اسرندڙ ملڪن جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
صدر آصف علي زرداري پاران آذربائيجان کي ڪوپ – 29 ڪانفرنس جي ميزباني حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha