اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي فرانسيسي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪولس گيلي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. فرانسيسي سفير فرانس جي وزيراعظم جبريل اٽل پاران مبارڪباد وارو خط پهچايو. وزيراعظم مبارڪباد واري پيغام تي فرانسيسي قيادت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان جا فرانس سان دوستاڻا ۽ خوشگوار ل??ڳا??ا آهن، جيتوڻي ڪجهه سال اڳ اهي ل??ڳا??ا مشڪل دور مان گذريا هئا پر هاڻي ٻئي ملڪ ٻط??في ??عاون کي وڌيڪ مضبوط بڻ??ئڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان پنهنجي ڪيترين ئي ملاقاتن جو ذڪر ڪيو جن ۾ 2022ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس، جون 2023ع ۾ موسمياتي تبديلي بابت نئين مالياتي معاهدي بابت پيرس ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ ملاقاتون شامل هيون. هن جنوري 2023ع ۾ ر??زي??يئنٽ پاڪستان بابت جنيوا ڪانفرنس ۾ ورچوئل شرڪت جي ذريعي صدر ميڪرون جي شرڪت کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم صدر ميڪرون کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻنهي ڌرين پاران گڏيل تعاون خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ فرانسيسي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن فرانس پاران اعليٰ فرانسيسي ڪمپنين جي ڪارپوريٽ ليڊرن کي جلد پاڪستان جي دوري تي آڻڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم اهو به ٻڌايو ته معيشت جو استحڪام حڪومت جي ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي. ملاقات ۾ غزه ۽ افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم خطي ۾ فرانس جي امن ڪوششن کي ساراهيو. فرانسيسي سفير وزيراعظم جو استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ کيس ٻط??فن معاملن تي ٿيندڙ تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٻط??في ??عاون تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ فرانسيسي وفد جو پاڪستان اچڻ متوقع آهي. هن چيو ته ٻط??فن رابطن کي مضبوط بڻ??ئڻ سان گڏوگڏ فرانس گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند اهي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ فرانس جي سفير نڪولس گيلي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا