اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو، آئين ??ي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين ??ان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? نگر??ن وفاقي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي سان شڪايتن جي ازالي جي لاءِ قانوني فو??مز موجود آهن، قانون جو عمل جاري رهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن سان زيادتي ٿي آهي ته ان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن اميدوار کي ڪا شڪايت آهي ته ان کي قانوني فو??مز سان ئي رجوع ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ?? اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن نگر??ن وفاقي وزير چيو ته بلوچستان حڪومت ملڪي قانونن تحت مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مون کي يقين ??هي ته ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ٿينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگر??ن وفاقي وزير چيو ته اطلاعات ??ار?? وزارت کانسواءِ پارلياماني معاملن ??ار?? وزارت جي ذمي??ار?? پڻ مون تي آهي، قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي لاءِ سمري تي منهنجون صحيحون ٿينديون. هن چيو ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو اجلاس طلب ڪيو ويندو. نگر??ن وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن کانپوءِ 14 ڏينهن جي اندر حتمي چونڊ نتيجا جاري ڪرڻا هوندا آهن، آئين ??ي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو، چونڊن جي 21 ڏينهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي آخري تاريخ 29 فيبروري آهي، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن اجلاس گهرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته آئين ??حت قومي اسيمبلي جو ڪو به ميمبر وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ وڙهي سگهي ٿو.
قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو، صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ