اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ??ه ملڪ جي اهڙن حصن ۾ رستن جي ترجيحي بنيادن تي تعمير ۽ بحالي جي فوري ضرورت آهي ??تي ٻاهرئين سيڙپڪاري متوقع آهي، بلوچستان ۾ رستن جي نيٽ ورڪ تي خصوصي ڪم جي ضرورت آهي، ڪراچي کان چمن رستي جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو رڪيل ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي، نئين رستن جا منصوبا تيار ڪندي تفصيلي منصوبابندي ۽ وسيلن جي بهترين استعمال کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائي سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نيشنل ها??ِ وي اٿارٽي جي ح??ال?? سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مواصلات واري نگران وفاقي وزير شاهد اشرف تارڙ، ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، منصوبابندي واري نگران وفاقي وزير سميع سعيد، نيشنل ها??ِ وي اٿارٽي جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي نيشنل ها??ِ وي اٿارٽي جي مختلف منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ رستن جي تعمير ۽ ترقي جي ح??ال?? سان نيشنل ها??ِ وي اٿارٽي انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهي ??هي. هن چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر اهم حيثيت رکي ٿو، رستن جو ڄار وڇائڻ کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي. نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ جي اهڙن حصن ۾ روڊ انفراسٽرڪچر کي ترجيحي بنيادن تي ٺاهڻ جي ضرورت آهي ??تي ٻاهرئين سيڙپڪاري متوقع آهي، بلوچستان ۾ روڊ انفراسٽرڪچر تي خصوصي ڪم جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي کان چمن رستي جي نئين سر تعمير جو ڪم جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي، ڪراچي – چمن رستي جي تعمير سان نه رڳو بلوچستان کي عوام کي فائدو ٿيندو پر ملڪ جي ٻين علائقن کي پڻ هڪ بهترين متبادل لنگهه ملندو. نگران وزيراعظم چيو ته بهتر رستا ملڪ جي ترقي ۽ بهتر مستقبل جي لاءِ جيڪو ڪردار ادا ڪن ٿا ان کي انگن اکرن ۾ ماپڻ مشڪل آهي. هن هدايت ڪئي ته نئين رستن جا منصوبا تيار ڪندي تفصيلي منصوبابندي ۽ وسيلن جي بهترين استعمال کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ فائدو پهچائي سگهجي.
ملڪ جي اهڙن حصن ۾ رستن جي ترجيحي بنيادن تي تعمير ۽ بحالي جي فوري ضرورت آهي جتي ٻاهرئين سيڙپڪاري متوقع آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز