اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحت جي مسئلن بابت مسجد ۽ منبر جو ڪردار انتهائ?? اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪورونا جي دوران عالمن ۽ پيش امامن ڪورونا کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪيو، مسجدون ۽ منبر غيرمتعدي بيماري?? کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ مسجدن جي ذريعي صحت جي مسئلن بابت آ??اهي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪميونٽي جي شرڪت سان صحت جي نظام تي بيمارين جو بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ صحت طرف مسجدن جي ڪردار تي پاليسي ڊرافٽ تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اهو پاليسي ڊرافٽ ٻن هفتن ۾ تيار ڪيو ويندو. صحت واري نگران وفاقي وزير صدر ۽ خاتون اول جي بيمارين بابت آ??اهي جي لاءِ ڪردار ا??ا ڪرڻ جي عمل کي ساراهيو. اجلاس ۾ صوبائي نمائندن پنهنجي صوبن ۾ عوام جي صحت جي لاءِ کنيل قدمن بابت آ??اهه ڪيو.
صحت جي مسئلن بابت مسجد ۽ منبر جو ڪردار انتهائي اهم آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا